ڪراچي – 20 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو ??هي ته پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي، جيڪڏهن آبادي تي ضابطو نه آندو ويو ??ه 2050ع تائين پاڪستان جي آبادي 36 ڪروڙ ٿي ويندي. هو انسٽيٽيوٽ آف بزنس مئنيجمينٽ (آئي بي ايم) جي اهتمام هيٺ پاپوليشن ريسرچ ڪانفرنس 2023ع جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهي هئي. خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو ??ه آبادي ۾ اضافي سان پاڪستان کي وڏو چئلينج درپيش آهي، آبادي ۾ اضافي جي نتيجي ۾ شهرن تي دٻاءُ وڌي رهيو ??هي، وسيلن جي کوٽ ۽ وسيلن جي اڻبنرابري ورڇ جهڙا آبادياتي چئلينجز جنم وٺي رهيا آهن جنهن سان غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وڃي ٿي. هن چيو ??ه غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙن کي ت??ليم، خوراڪ، رهائش ۽ صحت جي مناسب سهولتن تائين پهچ نه آهي. هن چيو ??ه ڳوٺاڻي علائقن جي عورتن ۾ ڄم جي روڪ جون گولين بابت آگاهي نه آهي ۽ ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ پهچ مشڪل آهي. خاتون اول چيو ??ه عورتن کي بااختيار بڻائي ۽ خاص طور تي ڇوڪرين جي ت??ليم ۾ سيڙپڪاري ڪري وڌيڪ آبادي جي ڪري پيدا ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي تڪرار کي جزوي طور تي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان ۾ آبادي ۾ اضافي جي اهم موضوع تي ڪم ڪرڻ تي آئي بي ايم کي ساراهيندي هن پنهنجي خطاب جي پ??اڻ?? ڪئي ۽ انتظاميا کي چيو ??ه تحقيق جا نتيجا لاڳاپيل ڌرين سان شيئر ڪيا وڃن ته جيئن ان مسئلي جي حل لاءِ خاطرخواهه قدم کڻي سگهجن.