اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هلڪي جنگي جهاز ه??جي?? جي پهرين ڪامياب اڏام تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي مبارڪباد ڏيندي چ??و آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي اها ترڪيه ۽ ترڪيه جي دفاعي صنعتن جي لاءِ هڪ تمام وڏي ??اميابي آهي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي پنهنجي ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان کي هلڪي جنگي جهاز ه??جي?? جي پهرين ڪامياب اڏام تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي اها ترڪيه ۽ ترڪيه جي دفاعي صنعتن جي لاءِ هڪ تمام وڏي ??اميابي آهي. هن چيو ته هو ٽي ايف – ايڪس پراجيڪٽ ۾ ڀائر ترڪيه جي وڌيڪ ڪاميابي جو خواهشمند آهي.