اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ترڪم??نس??ان جي وفد جي پاڪستان جي دوري دوران ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. اها ڳالهه ترجمان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ترڪم??نس??ان جو هڪ اعليٰ سطحي وفد مملڪتي وزير ۽ ترڪمن گئس جي چيئرمين جي قيادت ۾ ٽن ڏينهن جي دوري تي گذريل ڏينهن پاڪستان پهتو آهي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون بشمول ترڪم??نس??ان – افغ??نس??ان – پاڪستان – ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين ۽ ترڪم??نس??ان – افغ??نس??ان – پاڪستان پاور ٽرانسميشن لائين پراجيڪٽ تي ڌيان ڏنو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ??ئي ڌريون (تاپي) پائيپ لائين پراجيڪٽ جي تيز رفتار عملدرآمد ??ي لاءِ ”گڏيل عملدرآمد پلان“ کي حتمي شڪل ڏينديون. هن چيو ته منصوبي جي پڄاڻي پاڪستان جي عزم سان گڏوگڏ سستي، قابل اعتماد ۽ پائيدار توانائي ??ي لاءِ ان جي عزم جو ??ڪا?? هوندو.