اسلام آباد – 15 – جون (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊي ڪيئر سينٽرز بل 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي. بل جو مقصد اسلام آباد ۾ پبلڪ ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ ڊي ڪيئر سينٽرز جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. بل تحت وفاقي حڪومت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازمن ??ار?? ادارن ۾ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڊيئر ڪيئر سينٽرز بل 2023ع تحت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازمن وارا نجي ادارا به ملازمن جي سهولت لاءِ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندا. بل تي عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ پهرين ??ار??نگ کانپوءِ هڪ لک رپين تائين جو ڏنڊ هڻي سگهبو. وڌيڪ عملدرآمد نه ڪرڻ جي صورت ۾ 6 م??ين?? قيد جي سزا به ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽي??ل 75 تحت ڪئي.