اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سي پيڪ گذريل 10 سالن دوران اعليٰ معيار جي انفراسٽرڪچر، توانائي ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ توانائي ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيان. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سي پيڪ جي ڏهاڪي جي پڄاڻي جي موقعي تي پا??ست??ن سان حمايت ۽ يڪجهتي جي پنهنجي اهم پيغام تي چين جي صدر شي جن پنگ جو ٿورائتو آهيان. سي پيڪ کي اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ ڪوآپريشن جو هڪ مثالي منصوبو بڻائڻ تي ان جو زور پا??ست??ن جي عوام جي ڀلائي لاءِ ان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته حقيقت ۾ سي پيڪ گذريل 10 سالن دوران اعليٰ معيار جي انفراسٽرڪچر، توانائي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا آهن. بي آر آئي جي فليگ شپ پروجيڪٽ طور سي پيڪ ميان نواز شريف جي قيادت ۾ تبديلي جي ڪهاڻي ۾ تبديل ٿيو. پا??ست??ن ان ڪهاڻي کي دنيا ۾ پنهنجي دوستن ۽ حصيدارن سان شيئر ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته چين پا??ست??ن اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ اسان ڪڏهن به صدر شي جن پنگ جو مڪمل ٿورو ادا نه ڪري سگ??نداسين. آئون سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کي شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ توانائي ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيان.