ا??لا?? آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وزارت بجلي جي بلن جي مسئلي تي تجويزن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي ٽوئيٽ موجب بجلي جي بلن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه سومر ڏينهن توانائي واري وزارت ۾ ٿيو جنهن ۾ بجلي جي بلن جي مسئلي تي تجويزن کي حتمي شڪل ڏني وئي. اهي تجويزون سڀاڻي وفاقي ??اب??نا جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون جڏهن ته حتمي فيصلو وفاقي ??اب??نا ڪندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فيصلا ۽ تجويز??ن منظوري جي لاءِ وفاقي ??اب??نا جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون ڇو ته انهن تجويزن ۽ فيصلن جي منظوري جي مجاز رڳو وفاقي ??اب??نا آهي.