اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪا??ڙ ڪمانڊر (ر) عابد حسين خان جي رهائشگاهه تي ويو ۽ گوادر ۾ پاڪ ??حر??ه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ سندس پٽ ليفٽيننٽ ڪمانڊر حمزه عابد جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خ??ان?? ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته هن گوادر ۾ پاڪ ??حر??ه جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪمانڊر حمزه عابد جي والدين ۽ گهرڀاتين سان پاڪ ??حر??ه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان گڏ تعزيت جي لاءِ سندس گهر حاضري ڀري. نگران وزيراعظم چيو ته اسان بحيثيت قوم شهيدن جا مقروض آهيون، الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪا??ڙ ليفٽيننٽ ڪمانڊر حمزه عابد جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خ??ان?? پڻ ڪئي.