اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني هن وقت ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جي لاءِ لنڊن ۾ آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ٽن ڏهاڪن کانپوءِ ان فورم جي صدارت ڪري رهيو آهي، اجلاس ۾ دولت مشترڪه جي 56 مل??ن جا وزير ۽ نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ميٽنگ جو ٿيم ”امنگ هائر“ ڊيليورنگ مور فار دي ڪامن ويلٿ“ آهي. ترجمان چيو ته دولت مشترڪه جي اجلاس ۾ نوجوانن جي لاءِ مشغوليت، تعليم، رو??گار ۽ ماحول جي ذريعي بهت??ين طريقن ۽ پاليسي ۾ هم آهنگي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پر??ئيم منسٽر يوٿ پروگرام جي ذريعي نوجوانن جي ترقي ۾ پاڪستان پاران کنيل قدمن کي پيش ڪيو، جيڪو پٺتي پيل نوجوانن بشمول ڇوڪرين، اقليتن ۽ معذورن کي بااختيار بڻائڻ کي ترجيح ڏي ٿو. ترجمان چيو ته نگران پرڏيهي وزير اجلاس دوران نوجوانن جي تربيت ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان جي پروگرامن ۽ هائي ٽيڪ صنعتن، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ انهن جي وڌندڙ شموليت تي پڻ رو??ني وڌي.