بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) پاڪستان ۽ چين پيٽروليم جي شعبي ۾ هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. صحيحن واري تقريب ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ توانائي وارو نگران وفاقي و??ير محمد علي پڻ موجود هئا. چين جي يونائيٽيڊ انرجي گروپ ۽ پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن. سيڙپڪاري جي ن??يج?? ۾ ريفائنري سان حاصل ٿيندڙ پيٽرول ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل نه رڳو مهانگي درآمدي ٻارڻ جو متبادل هوندو پر ريفائنري جي پيٽرول جي ڪل پيداواري صلاحيت اڍائي لک مي??رڪ ٽن مان وڌي 16 لک مي??رڪ ٽن ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل جي پيداوار 6 لک مي??رڪ ٽن مان وڌي 20 لک مي??رڪ ٽن ٿي ويندي.