اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جنگي ا??لاقيات تي دنيا پاران ٻٽي معيارن ۽ غزه ۾ ٻارن جي قتل جي عجيب ۽ غريب ۽ غيرحقيقي جواز کي رد ڪندي چيو آهي ته فلسطين ۾ اسرائيلي ڏاڍ جو مثال قرون وسطيٰ جي دور ۾ پڻ نٿو ملي. هو اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ سالياني مارگلا ڊائيلاگ کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو موضوع ”اڀرندڙ عالمي ماحول: اسان جي مستقبل جي لاءِ رخ جو تعين“ هو. نگران وزيراعظم چيو ته اسرائيلي فوج اسپتالن ۾ مريضن ۽ ڪمزورن کي نشانو بڻائي رهي آهي، ٻارن جو قتل ڪري رهي آهي، اسرائيلي ٻارن جي موت جو حوالو ڏيندي ا??رائيلي قدمن ۽ دفاع ڪندڙ ڪجهه سفارتڪارن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي هن ان دليل تي پنهنجي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته اسرائيلي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ ۽ ان کي منهن ڏي?? جي لاءِ ڪيترن فلسطيني ٻارن کي قتل ڪرڻو پوندو؟ هن چيو ته هيستائين 4700 ٻارن کي قتل ڪيو ويو آهي، هو پنهنجي تسڪين جي لاءِ وڌيڪ ڪيترن فلسطيني ٻارن کي قتل ڪندا. هن چيو ته حضرت موسيٰ جا پيروڪار هج?? جي دعويدارن پاران فرعون جي نقش قدم تي هلندي معصوم ٻارن جو قتل عام ناقابل قبول آهي. هن واضح ڪيو ته ڪنهن به ٻار جو قتل مذمت جوڳو آهي. نگران وزيراعظم جيڪو آءِ پي آر آءِ جي بورڊ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي، هن ڀارت سميت خطي جي ملڪن سان رابطن جي امڪانن تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان ڀارت سان واپاري رابطا قائم ڪرڻ کان ڪڏهن به پٺتي ناهي هٽيو جڏهن ته گڏيل فائدن جي لاءِ ٿيندڙ واپار خيرات نه هجڻ گهرجي. جڏهن ته هن چيو ته اهڙي طرح جي رابطن کان اڳ، ڪشمير تڪرار تي ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ موجوده ڀارتي حڪومت سان معمول جا لاڳاپا رکڻ هڪ چئلينج آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جو ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڌيان جو گهرجائو آهي ڇو ته واعدن ۽ گڏيل قومن جي ضمانتن جي باوجود ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق نه ملي سگهيو، ان مسئلي کي التوا ۾ رکڻ ڪو حل نه آهي. ڀارتي سماج کي متاثر ڪندڙ هندوتوا ??ظريي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اهڙيون پاليسيون تباهي جو نسخو آهن. هن چيو ته ڀارت ۾ جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي ا??تڙ پاڪستان ۾ اقليتن جون پاڙون گهريون ۽ اهي ٻين قوميتن وانگر پاڪستاني آهن. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي نان اسٽيٽ ايڪٽرز جو چئلينج درپيش آهي پر ملڪ ڪنهن جي مدد کانسواءِ ان کي منهن ڏي?? جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت بڻجي اڀريو آهي. هن چيو ته ڀارت جي ا??تڙ پاڪستان ڪڏهن به تڪرارن کي هوا ??اهي ڏني. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان پنهنجي زميني ۽ معدني وسيلن جي صلاحيتن مان فائدو کڻندي پنهنجي معيشت ک?? اڳتي وڌائ?? جي لاءِ تيار آهي ۽ نوجوانن جي هڪ وڏي آبادي جي توانائين کي ا??تعمال ڪر?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته انساني وسيلن ۽ فني مهارت جي حوالي سان پاڪستان ۾ گهٽ سيڙپڪاري ڪئي وئي. ماحولياتي تبديلين جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اهو هڪ جارحيت جي چئلينج کان به وڌيڪ هڪ وجودي خطرو بڻجندو پيو وڃي ڇو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ڪجهه ننڍن تڪرارن کان به وڌيڪ تباهي ڪئي آهي، ان چئلينج تي ڪو هڪ ملڪ اڪيلي سر ضابطو نٿو آڻي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت قابل تجديد توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ منصوبا جوڙي رهي آهي جنهن جي لاءِ عالمي هم آهنگي ۽ تعاون جي پڻ ضرورت آهي ڇو ته پاڪستان ملڪي، علائقائي ۽ عالمي سطح تي ڳالهه ٻولهه کي متحرڪ ڪر?? جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ آءِ پي آر آءِ جي صدر سفير رضا محمد ٻڌايو ته ڊائيلاگ ۾ ڇهه فورمز هئا. ان تقريب ۾ آءِ پي آر آءِ جي تازي ا??اعت ”ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ“ پڻ جاري ڪئي جنهن ۾ ڀارتي اقليتن تي ڪيل ظلم ۽ ڏاڍ کي ا??اگر ڪيو ويو جن کي ا??ي هڪ مشڪل وقت کي منهن ڏيڻو پيو. هن نگران وزيراعظم کي ان ڪتاب جي هڪ ڪاپي پڻ پيش ڪئي.