اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي قابض فوج جي هٿان غز?? جي عوام تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي جنين جي ابن سينا اسپتال تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو واقعو اسپتالن جي خلاف غير??نس??ني جنگ جي سلسلي جو تازه ترين واقعو آهي جيڪو فلسطيني عوام جي خلاف جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو. هن چيو ته اهي جاري ظلم غز?? جي ماڻهن جي تحفظ جي ل??ءِ انصاف جي عالمي عدالت پاران طئي ڪيل عارضي قدمن جي روح جي خلاف آهن. ترجمان چيو ته غزه ۾ جاري جنگ ۽ مصيبتن جي وچ ۾ وچ اوڀر ۾ فلسطيني پناهگيرن جي ل??ءِ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي ل??ءِ فنڊز جي معطلي پڻ انصاف جي عالمي عدالت جي عارضي قدمن جي روح جي خلاف آهي جنهن ۾ ضروري خدمتن ۽ ??نس??ني امداد جي فراهمي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته اسان غزه ۾ فلسطينين کي درپيش مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ يو اين آر ڊبليو اي جي فنڊنگ معطل ڪرڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ تي زور ڏيون ٿا ج??هن جو فلسطيني عوام جي تحفظ ۽ حمايت ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر، لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانون موجب فلسطيني عوام جي ??نس??ني حقن، وقار ۽ سڃاڻپ کي برقرار رکڻ جي ل??ءِ انصاف جي عالمي عدالت جي عارضي فيصلي تي مڪمل عملدرآمد جو به مطالبو ڪري ٿو. انهن عارضي قدمن کي لاڳو ڪرڻ جي ل??ءِ غز?? جي عوام کي درپيش مصيبتن جي خاتمي ل??ءِ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي ضرورت آهي، تنهن ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي جنگبندي لاڳو ڪرڻ ۽ غز?? جي عوام کي جاري ظلمن کان بچائڻ جي ل??ءِ پنهنجو لازمي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.