اسلام آباد – 01 – مارچ (??ي پي پي) پاڪستان اسرائيل جي قابض فوج جي هٿان خميس ڏينهن معصوم فلسطينين جي قتل ع??م جي سخت مذمت ڪئي آهي جيڪي غزه ۾ حياتي بچائيندڙ امداد ۽ خوراڪ جي پهچ جا منتظر هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو قتل ع??م تهذيب ۽ عالمي انساني قانون جي خل??ف ورزي ۽ اسرائيل پاران وڏي پئماني تي فاقه ڪشي جي ڄاڻي واڻي ۽ غيرانساني پاليسي جي واضح بي توقيري کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان فوري جنگبندي، غيرانساني گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي ماڻهن تائين انساني امداد جي بنا رڪاوٽ پهچ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسرائيل کي انسانيت جي خل??ف پنهنجي ڏوهن جي لاءِ پڻ انصاف کي منهن ڏيڻ گهرجي جيڪي فلسطيني عوام جي خل??ف ڇوٽ سان ڪيا پيا وڃن.