اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز ??ري?? پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار، توانائي تعاو??، رستي ۽ ريل رابطي، ثقافتي مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز ??ري?? سان ايران جي سفير رضا اميري مقدم ملاقات ڪئي. وزي??اع??م ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي ٻيهر چونڊجڻ کانپوءِ مبارڪباد جي پيغام ۽ ٽيليفون ڪال تي سندس ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ايران کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزي??اع??م ايراني صدر سان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪيو جڏهن هنن مئي 2023ع ۾ گڏيل طور تي هڪ سرحدي مارڪيٽ ۽ بجلي جي پهچ لائين جو افتتاح ڪيو هو. هن واپار، توانائي تعاو??، رستي ۽ ريل رابطي، ثقافتي مٽاسٽا، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزي??اع??م ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي ايران جي حمايت کي ساراهيو. ملاقات دوران فلسطين جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني سفير وزي??اع??م جا استقبال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو پيش ڪيو. هن ايران جي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو پڻ ورجاءُ ڪيو.