اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه سان اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۽ واپاري حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين ??يڙپڪاري جي موجوده صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نظام ۾ سڌارا ڪي?? ويا آهن. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان ترڪ سيڙپڪار وفد ملاقات ڪئي. ترڪ وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران ڳ??لهه ٻولهه ڪندي وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي صدين ??ي ٻڌل آهن، پاڪستان ترڪيه سان اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ۽ واپاري حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين ??يڙپڪاري جي موجوده صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ نظام ۾ سڌارا ڪي?? ويا آهن. ملاقات ۾ ترڪيه جو پاڪستان ۾ سفير مهمت پاچاجي، سي اي او ٽرمينل ياپي جنڪ جوشڪن ۽ ٻيا ترڪ ۽ پاڪستاني اهلڪا?? شريڪ هئا. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن محمد اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احد خان چيما، وزيرا??ظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدا?? شريڪ هئا. وفد پاڪستان پاران شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا.