رياض – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (اڄ) آچر تي رياض ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ??ار?? بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اقتصادي ف??رم جي اڄ کان شروع ٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم عالمي صحت جي ايجنڊا جي حوالي سان هڪ سيشن ۾ خيالن جو اظهار پڻ ڪندو. عالمي اقتصادي ف??رم جي سائيڊ لائنز تي اڄ وزيراعظم جي ڪويت جي امير مشعل الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم جي سعودي ناڻي، صنعت، سيڙپڪاري وارن وزيرن سان ملاقاتون متوقع آهن. وزيراعظم جي بل اينڊ ميلنيڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪو چيئرمين، عالمي مالياتي ف??ڊ جي منيجنگ ڊائريڪٽر ۽ اسلامي ترقياتي بينڪ جي صدر سان پڻ ملاقات ٿيندي.