لاهور-11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اذلان شاهه هاڪي ??ور??امينٽ ۾ پاڪستاني هاڪي ٽيم جي رانديگر?? کي عمده ڪارڪردگي تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته رانديگرن ??ور??امينٽ دوران شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي، جاپان خلاف به پاڪستاني ٽيم فائنل ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته ??ٽڻ هارائڻ راند جو حصو آهي، قومي هاڪي ٽيم سڄي قوم جا دل کٽيا آهن. هن چيو ته ڊگهي وقت کان پوءِ پاڪستان قومي راند جي هن اهم ??ور??امينٽ جي فائنل تائين پهچ حاصل ڪئي جيڪو سٺو سنوڻ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته حڪومت راندين خاص ڪري هاڪي کي هٿي وٺائڻ لاءِ هر مم??ن قدم کڻي رهي آهي.