لاهور – 04 – جون (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چين جي پنجن جي ڏينهن سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزير??عظ?? سان گڏ آهن. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزير??عظ?? لي ڪي ڪيانگ جي خصوصي دعوت تي 4 کان 8 جون تائين چين جو پنجن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. بيان موجب وزير??عظ?? جو چين جو دورو چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي ۽ پاڪستان چين اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزير??عظ?? پنهنجي دوري جي پهرين مرحلي ۾چيني شهر شينزن و??ند??. وزير??عظ?? ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جي وچ ۾ حصيداري جي فروغ جي لاءِ چين جي شهر شينزن ۾ بزنس فورم ۾ شرڪت ڪن??و. جڏهن ته وزير??عظ?? چيني ون ونڊو آپريشن جي مشاهدي جي لاءِ نانشان ون ونڊو ۽ هواووي جي هيڊڪوارٽرز جو دورو پڻ ڪن??و. وزير??عظ?? دوري جي ٻئي مرحلي ۾ بيجنگ و??ند?? جتي سندس چين جي اعليٰ قيادت سان ملاقات ٿيندي. وزير??عظ?? چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني هم منصب لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات ڪن??و. وزير??عظ?? چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪن??و. ان کانسواءِ اعليٰ سرڪاري عهديدارن، مختلف ڪمپنين جي سربراهن ۽ چيني سيڙپڪارن سان ملاقاتون پڻ ڪن??و. بيجنگ ۾ وزير??عظ?? عوامي يادگار (پيپلز يادگار) جو دورو پڻ ڪن??و. وزير??عظ?? پنهنجي چين جي دوري جي آخري مرحلي ۾ چيني شهر شيان و??ند?? جتي مقامي قيادت سان ملاقات سميت وزير??عظ?? چين جي زرعي ترقي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي مشاهدي جي لاءِ ماڊل فارمز ۽ گرين ٽيڪنالاجي ڪمپنين جو دورو ڪن??و. دوري دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ نه رڳو سي پيڪ جي ٻئي مرحلي، اسٽريٽجڪ حصيداري پر واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاع، قومي ۽ علائقائي سلامتي، توانائي، خلائي تحقيق، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ هنر ۽ ثقافتي شعبي ۾ تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿ??ند??. بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جو چين جو دورو ٻنهي ملڪن جي حصيداري کي وڌيڪ مثبت رخ ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿ??ند??.