آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سميت شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن تنظيم جي سربراهي اجلاس جي پڄاڻي تي پڌرنامي/ آئوٽ ڪم ڊاڪيومينٽ تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شنگهائي تعاون تنظيم سربراهي اجلاس جي موق??ي تي وزيراعظم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ ترڪيه جي صدر ??جب طيب اردوان، آذربائيجان جي صدر ??لهام عليوف، تاجڪستان جي صدر ??مام علي رحمان، ڪرغزستان جي صدر ??دير جاپروف ۽ بيلاروس جي صدر ??ليگزينڊر لوڪا شنڪو سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.