اسلام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته ڪڻڪ جي برآمد جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو، پي ٽي آءِ جي دور ۾ پهرين ڪڻڪ ۽ کنڊ برآمد ڪ??ي وئي ۽ بعد ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ درآمد ڪ??ي وئي، اربين کربين رپيا ڪيڏانهن ويا، اهو تاريخ جو حصو آهي. قو??ي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ??يو?? خان پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي وزيراعظم اسپيڪر سردار اياز صادق کي مخاطب ڪندي چيو ته اسپيڪر طور توهان جي آئيني ذميواري آهي ۽ اها توهان جي سخاوت به آهي ته توهان مُخالف ڌ??ر اڳواڻ کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو ٿا جڏهن ته اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر جڏهن اسپيڪر هو ته هو ان وقت مخالف ڌر اڳواڻ کي ڳالهه ڪرڻ ئي نه ڏيندو هو، اهو رڪارڊ جو حصو آهي. وزيراعظم ??يو??ن کي ٻڌايو ته ڪڻڪ جي برآمد جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو. هن چيو ته اهو به رڪارڊ جو حصو آهي ته اڳوڻي دور ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ اڳ ۾ برآمد ڪ??ي وئي ۽ بعد ۾ وري درآمد ڪ??ي وئي، اربين کربين رپيا ڪيڏانهن ويا، اهو به تاريخ جو حصو آهي.