ڪراچي-11 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪالهه سي ٽي ڊي جي شهيد ڊي ??يس پي علي رضا کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڪريم آباد پهچي ويو. گهرو وزير محسن نقوي شهيد ڊي ??يس پي جي ??ها??شگاهه تي سوڳوار خاندان سان ملاقات ڪئي. وارثن کي دلاسو ڏنو ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي شهيد ڊي ??يس پي علي رضا لاءِ هلال شجاعت ۽ قائد اعظم پوليس ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن جو چوڻ هو ته ڊي ??يس پي علي رضا انتهائي بهادر پوليس آفيسر هو. قوم کي اهڙن جرئتمند پوليس آفيسرن تي ناز آهي. شهيد ??يس ??يس پي چوڌري اسلم کانپوءِ شهيد ڊي ??يس پي علي رضا ڪراچي ۾ دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي هئي. هن چيو ته اسان جو ايمان آهي ته شهيد زنده هوندا آهن ۽ شهيد ڊي ??يس پي علي رضا هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو. ايڊيشنل آءِ جي پوليس يعقوب ناصر، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ، ??يس ??يس پي سينٽرل ۽ سي ٽي ڊي جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا.