اسلام آباد – 23 – جولائي (ا?? پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انتشار جي سرغني آخرڪار 9 مئي جي واقعي ۾ سهولتڪ??ري ۽ منصوبابندي جي جرم جو اعتراف ڪري ورتو، ان شرپسند انتش??ري ٽولي جي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گهرج آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي سياست سدائين تشدد ۽ شرپسندي جي ذريعي رياست کي نقصان پهچائڻ جي چوڌ??ري گهمندي رهي آهي. هن سدائين لاشن تي سياست ڪئي، 9 مئي تي 200 کان وڌيڪ فوجي ٺڪاڻن ۽ جي ايڇ ڪيو تي حملا ڪيا، ڪور ڪ??انڊر هائوس جي ٻاهران عمران نيازي جي خاندان جا ماڻهو موجود هئا ج??ڪي حملن جون هدايتون ڏيندا رهيا. هن چيو ته زمان پارڪ دهشتگردن جو تربيتي هيڊڪوارٽر بڻيل رهيو جت?? پيٽرول بم تيار ڪ??ا ويندا ۽ سياست تي حملي جي تربيت ڏني ويندي رهي. وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ، ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرائڻ، سائفر ڦڙڪائڻ جي سازش کان وٺي شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، هن هر اهو ڪم ڪيو جيڪو ملڪ دشمن به نه ڪري سگهيو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ان شرپسند، انتش??ري ٽولي جي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي گهرج آهي.