اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر منصوبا بنائڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي فنانسنگ ۾ نجي شعبي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن اها ڳالهه اڪيومن پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪلائميٽ ايڪشن فار پاڪستان جي موضوع تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير چ??و ته موسمياتي تبديلين سبب دنيا جا ڪيترائي خطا ??تاثر ٿي رهيا آهن. پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙن ملڪن ۾ سڀ کان مٿي آهي. هن چ??و ته 2022ع ۾ موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي، ان ٻوڏ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان پهتو. ناڻي واري وزير چ??و ته جنيوا ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارن ۽ عالمي ادارن پاڪستان لاءِ اٽڪل 9 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي مدد جو اعلان ڪ??و تنهن هوندي به پاڪستان کي اعلان ڪيل مدد موجب فنڊ نه مليا. هن چ??و ته موسمياتي فنانسنگ لاءِ موثر منصوبا ب??ائڻ جي ضرورت آهي. موسمياتي فنانسنگ ۾ نجي شعبي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ان حوالي سان نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چ??و ته آءِ ايم ايف جي انتظامي بورڊ سان موسمياتي فنانسنگ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسان کي اميد آهي ته هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين آءِ ايم ايف جو انتظامي بورڊ اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏيندو. ناڻي واري وزير چ??و ته پاڪستان جي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي. پائيدار اقتصادي واڌ ۽ ترقي لاءِ سڌارن جو عمل جاري رهندو. هن چ??و ته مضبوط معيشت لاءِ ٽيڪس جي نظام ۾ واڌارو، نظام ۾ شفافيت، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ گورننس ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي. حڪومت ان حوالي سان ضروري قدم کڻي رهي آهي. ناڻي واري وزير چ??و ته آبادي ۾ اضافي سان گڏوگڏ وسيلن ۾ به اضافو ضروري آهي، پاڪستان کي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.