اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس ۾ رڪارڊ ڪار??رد??ي تي هلال امتياز عطا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت آصف علي زرداري، ارشد نديم کي راند جي ميدان ۾ ن??ايان خدمتن جي اعتراف ۾ خاص تقريب ۾ سول اي??ار?? عطا ڪندو. صدر مملڪت جي هدايت تي ايوان صدر ارشد نديم کي سول اي??ار?? عطا ڪرڻ لاءِ ڪابينه ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي. صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته ارشد نديم بهترين ڪار??رد??ي سان راند جي ميدان ۾ قوم جو سر فخر کان بلند ڪيو. ايوان صدر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ارشد نديم جي عالمي سطح تي ش??ند??ر ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻي آهي. ارشد نديم ايٿليٽڪس جي ميدان ۾ نالو روشن ڪيو. صدر مملڪت ارشد نديم کي سول اي??ار?? آئين جي آرٽيڪل 259 (2) تحت عطا ڪندو. آئين تحت صدر مملڪت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اعتراف ۾ پاڪستان جي شهرين کي اعزاز عطا ڪري سگهي ٿو.