اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)ن??ئب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار توانائي جي حفاظت ۽ اقتصادي ترقي لاءِ پيٽروليم شعبي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي، ته پيٽروليم شعبي جي مسئلن جي حل لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪيا وڃن. جڏهن ته ن??ئب وزيراعظم مقامي ۽ پرڏيهي ڪمپنين کي س??ولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ته جيئن شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري لاءِ مدد ملي سگهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان موجب ن??ئب وزيراعظم جي صدارت هيٺ پيٽروليم شعبي جي اي اينڊ پي ڪمپنين کي درپيش مسئلن تي غور لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي مقامي ۽ پرڏيهي اي اينڊ پي ڪمپنين جي سربراهن سرڪلر قرض جي وڌڻ سبب شعبي جي س??ڪيورٽي ۽ استحڪام بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو .ڪميٽي جي خانگي شعبي جي ??يم??رن پڻ ڊائون اسٽريم گئس شعبي بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ ان جي استحڪام کي بهتر بڻائڻ لاءِ خانگي ڪمپنين لاءِ سيڪٽر کي کولڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس دوران تفصيلي ڳالهين کان پوءِ پيٽروليم ڊويزن جي صنعت ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان سهڪار سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.فورم پيٽروليم ڊويزن کي اوگرا آرڊيننس ۾ مناسب ترميمون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جئين گئس جي اگهن ۾ ماهوار يا ٽ?? ماهي بنيادن تي ايڊجسٽمينٽ لاءِ هڪ طريقيڪار متعارف ڪرائي سگهجي.سيڪيورٽي مسئلن جي حوالي سان گهرو ڊويزن کي هدايت ڪئي وئي ته اي اينڊ پي ڪمپنين ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان ويجهي س??ڪار لاءِ قدم کنيا وڃن.