اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ڪرم جي علائقي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون آهن، کين خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. گذريل ڏينهن وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ??نگ مان جاري بيان موجب وز??را??ظم ان دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وز??را??ظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وز??را??ظم حملي ۾ زخمي ٿيل اهلڪار کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وز??را??ظم حملي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون آهن. هن چيو ته پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جي فرض شناسيءَ تي مون سميت پوري قوم کين خراج تحسين پيش ڪري ٿي.