اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي خيبر ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن تي سي??يورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته سي??يورٽي فورسز جرئتمندي جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن کي ماريو. هن آپريشن ۾ جوانن جي شهادت تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنداسين. صدر چيو ته ملڪ ۾ امن امان تي ڪو به ٺاهه نه ڪنداسين، ملڪ جي تحفظ جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ ص??ر ۽ جميل جي دعا ڪئي.