اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته موسميات?? تبديلي عالمي مسئلو آهي، ترقي يافته ملڪن جي تعا??ن سان مسئلي کي منهن ڏيڻو آهي، پاڪستان ان معاملي تي ??مام گهڻي سنجيدگي ڏيکاري آهي، زهريلا گئس خارج ڪرڻ ۾ پاڪستان جو حصو تمام گهٽ آهي پر نقصانن جو سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پاڪستان کي ڀوڳڻو پوي ٿو، حڪومت وڻڪاري، ڪلين گرين انرجي، موسميات?? تبديلي بابت آگاهي جي حوالي سان ??خت??ف قدم کنيا آهن. ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ جي نمائندن ۽ وزيراعظم جي موسميات?? تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان زهريلا گئس خارج ڪرڻ جو ذميوار نه آهي ۽ زهريلي گئسن جي عالمي سطح تي ??ارج ٿيڻ ۾ پاڪستان جو حصو ٻه سيڪڙو کان به گهٽ آهي، ان جي باوجود پاڪستان جو ڳاڻيٽو موسميات?? تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي، پاڪستان موسميات?? تبديلي جو وڏو ڪِيتو ڀوڳي ٿو. هن چيو ته بطور هڪ ذميوار ملڪ جي پاڪستان موسميات?? تبديلين جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، وڻڪاري مهم، گرين انرجي، موسميات?? تبديلي بابت آگاهي جي حوالي سان حڪومت ??خت??ف قدم کنيا آهن ۽ موسميات?? تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ تي پورو ڌيان ڏنو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ سدائين موسميات?? تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن تي ??صوصي ڌيان ڏنو آهي، انهن ئي ڪوششن جي نتيجي ۾ گذريل ٻوڏ دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پڻ پاڪستان جي ٻوڏ کان متاث?? علائقن جو دورو ڪرايو ويو، ان جو مقصد اهو ئي هو ته پاڪستان ۾ موسميات?? تبديلي جي نقصانن کان دنيا کي آگاهه ڪيو وڃي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسان ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ سميت موسميات?? تبديلي تي ڪم ڪندڙ غيرملڪي تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته دنيا کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ڪاربن جي خارج ٿيڻ ۾ اسان جو حصو تمام ٿورو آهي پر نقصان سڀ کان وڌيڪ برداشت ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسميات?? تبديلي عالمي مسئلو آهي، ترقي يافته ملڪن جي تعا??ن سان ان مسئلي کي منهن ڏيڻو آهي ۽ پاڪستان ان معاملي تي ??مام گهڻي سنجيدگي ڏيکاري آهي. وفاقي وزير زور ڏنو ته موسميات?? تبديلي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر شخص کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، موسميات?? تبديلي جي حوالي سان عالمي حصيدارن جي تعاون جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته موسميات?? تبديلي جي حوالي سان ملڪ کي محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش جاري رکنداسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر جي حيثيت سان رومينه خورشيد عالم سٺي ڪوآرڊينيشن ڪئي آهي ۽ ان ڪوآرڊينيشن جي نتيجي ۾ نه رڳو هن ان مسئلي کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪيو آهي پر دنيا کي آگاهه ڪيو آهي ته موسميات?? تبديلي جي نقصانن کان پوري انسانيت متاثر ٿئي ٿي ۽ ترقي يافته ملڪن، غيرملڪي اين جي اوز ۽ عالمي ادارن جي تعا??ن سان ان مسئلي کي منهن ڏيڻو آهي ته جيئن موسميات?? تبديلي جي نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي.