اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس ٻطرفن لاڳاپ?? کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ توسيع ۽ علائقائي رابط?? کي بهتر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي زراعت، غذائي تحفظ، ڪاروبار، تعليم، ريلوي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ عوامي سطح تي مضبطو رابطن جي فروغ جهڙن اهم شعبن ۾ گڏيل طور تي مفيد تعاون وڌائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو آه??. ان ڳالهه جو اظهار صدر آصف علي زرداري ۽ روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ جي وچ ۾ مُلاقات دوران ڪيو ويو، جنهن پنهنجي وفدن سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. روسي نائب وزيراعظم جي آجيان ڪندي صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپ?? کي مستحڪ ڪرڻ جي لاءِ بارٽر واپار جي امڪانن تي غور جي اهميت تي زور ڏنو. هن ويزا جي ضابط?? کي آسان بڻائڻ، ريلوي ۽ سڌوسنئون اڏامن جي ذريعي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ته جيئن ماڻهن ۽ ڪاروباري رابط?? کي فروغ ڏئي سگهجي. ملاقات دوران ٻڌايو ويو ته زرعي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجود آه??. اهو به ٻڌايو ويو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ گڏيل منصوبن جي شروعات جي زبردست صلاحيت موجود آه??. ان کانسواءِ آڪٽوبر ۾ پاڪستان مان 75 ميمبرن تي ٻڌل ڪاروباري وفد روس جو دورو ڪندو ته جيئن ڪاروبار ۽ اقصادي تعاون جا موقعا ڳولي سگهجن. روس جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ چيو ته روس غذائي تحفظ، سائنس ۽ ٽيڪنال??جي?? تعليم، رابطن ۽ ريلوي جي شعبن ۾ پاڪستان سان تعاو?? کي بهتر بڻائڻ جو خواهشمند آه??. هن چيو ته آڪٽوبر ۾ روس?? وزيراعظم جو پاڪستان جو دورو ٻطرفن لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪندو. هن چيو ته روس سمورن مذهبن ۽ مسلم ثقافت جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿو ۽ قرآن مجيد جي توهين جي مذمت ڪري ٿو. ملاقات دوران نائب وزيراعظم/ پرڏيه?? وزير اسحاق ڊار، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاق?? وزير احسن اقبال، توانائي وارو وفاق?? وزير سردار اويس احمد خان لغاري، مواصلات وارو وفاق?? وزير عبدالعليم خان، واپار وارو وفاق?? وزير ڄام ڪمال خان، سينيٽر شيري رحمان ۽ لاڳاپيل وزارتن جا سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.