اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي پاڪستان ۾ اخبار پڙهڻ جو قومي ڏينهن 25 سيپٽمبر اربع ڏينهن ملهايو ??يندو. اخبار جي صورت ۾ صحافت جي شروعات 12 سئو سال اڳ يورپ ۾ ٿئي ۽ اخبار دنيا جي سموري معلومات جو مرڪز بڻي وئي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد سوشل ميڊيا جي يلغار ۾ اخبارن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي، سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪ جي ٽيلي وي??ن نشريات ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي باوجود اخبارن جي خبرن کي ئي سڀ کان ڀروسي جوڳو ذريعو مڃيو ??يندو آهي. ان ڏينهن ??ي مناسبت سان سڄي ملڪ ۾ مختلف سماجي تنظيمن طرفان تقريبن جو انتظام ڪيو ??يندو ۽ عام ماڻهن کي اخبار پڙهڻ جي اهميت جي حوالي س??ن آگاهي فراهم ڪئي ويندي.