اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان لبنان ۾ تازن حملن جي ڏس ۾ پاڪستاني شه??ين کي سختي سان مشورو ڏنو آهي ته اهي اڳئين اطل??ع تائين لبنان جو سفر نه ڪن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته لبنان ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪمرشل اڏامن جي ذر??عي ٻاهر جو سفر ڪن جيڪي اڃا به دستياب آهن. ترجمان چيو ته جيڪي ماڻ??و ڪجهه مخصوص سببن جي ڪري لبنان نه ٿا ڇڏي سگ??ن اهي انتهائي احتياط ڪن ۽ محفوظ علائقن ۾ رهن. سفارتخاني سان رابطي جي لاءِ موبائيل / واٽس ايپ جا نمبر + 961 – 81669488 ۽ + 961 – 81815104 جڏهن ته اي ميل ايڊريس [email protected] آهي.