اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ??ابينا اينٽي ڪينسر،ڪارڊيڪ ڊرگز ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن وغيره جي درآمدات کي ڪجهه شرطن تحت پابندي کان ڇوٽ قرار ڏيڻ جي ت??ويز، ڪوويڊ 19 کان بچاءُ جي دوا جي قيمت 10.873 کان گهٽ ڪري 8244 رپيا ڪرڻ، ڪنٽونمينٽ بورڊ جا نوان ميمبر مقرر ڪرڻ جي حوالي سان پيش ڪئي ويندڙ تجويزن ۽ 7 مختلف ڪنٽونمينٽس جي ري ڪلاسيفڪيشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ??ابينا جي اجلاس کانپوءِ نيشنل هيلٿ سروسز واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.