پاڪستان ۾ معياري تعليم ۽ اخلاقي قدرن جي بهتري سان صحتمند معاشرو جڙي رهيو آهي: صدر

image
APP07-141221 LAHORE: December 14 - President Dr. Arif Alvi addressing the 16th convocation of Lahore College for Women University. APP

لاهور – 14 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ معياري تعليم ۽ اخلاقي قدرن جي بهتري سان صحتمند معاشرو جڙي رهيو آهي، پر حاضر دور جي گهرجن موجب عورتن کي به مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هر شعبي ۾ پنهنجو برابر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ وڌيڪ ترقي ۽ استحڪام طرف وڌي، ترقي يافته معاشرا مادي پرستي طرف راغب آهن، جنهن جي ڪري انهن جا اخلاقدر نه هجڻ جي برابر آهن، آئيڊل لائيف جي لاءِ اسان کي پنهنجي اخلاقي قدرن، ثقافت ۽ ورثي کي فروغ ڏيڻو پوندو جنهن جي لاءِ مردن سان گڏوگڏ عورتن کي به ميدان عمل ۾ اچڻو پوندو. هو لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي جي 16 هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور، لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي جي وائيس چانسلر بشريٰ مرزا سميت تعليمي شخصيتون ۽ شاگردن جو وڏو تعداد به ان موقعي تي موجود هو، صدر داڪٽر عارف علوي چيو ته باباءِ قومي قائداعظم محمد علي جناح، علامه ڊاڪٽر محمد اقبال ۽ سر سيد احمد خان جي تعليم تي عمل ڪري ئي اسان هڪ حقيقي اسلامي، فلاحي، نظرياتي ۽ پڙهيل لکيل قوم اڀري سامهون اچي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ جو هن هميشه مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي عورتن کي به قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تعليم کي پنهنجو شعار بڻائڻ جي هدايت ڪئي، هن چيو ته پڙهيل لکيل نوجوان خاص طور تي عورتون پنهنجي خاندان جي بهترين ۽ معياري ڪفالت ڪري سگهن ٿيون، عورتن کي گهرجي ته هو آءِ ٽي، ڪاروبار، ملازمتن سميت زندگي جي هر شعبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ۽ پنهنجي ثقافتي ۽ نظرياتي قدرن کي مٿانهو ڪرڻ لاءِ مردن سان گڏ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن 1904ع ۾ انگريز دور جو حوالو ڏيندي چيو ته ان وقت ڌيءَ پنهنجي پيءَ يا مڙس جي ملڪيت سمجهي ويندي هئي پر اسلام سوين سال اڳ عورت کي جيڪو مقام ڏنو ان جو ڪو ثاني نه آهي، هن چيو ته اسلام جي ڏنل مقام جي ڪري اڄ عورتن کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ۽ عزت ۽ حرمت حاصل آهي، هن چيو ته اسلام ئي عورتن کي وراثت ۾ حصو ڏنو جيڪو ان کان ڪير به نٿو کسي سگهي ۽ هاڻي عورتن کي وراثت جي حوالي سان باقاعده قانونسازي ٿي آهي جنهن کانپوءِ ڪو به عورت کي وراثت ۾ حصو ڏيڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهي. صدر چيو ته پڙهيل لکيل ۽ باشعور سوسائيٽي ئي مستحڪم ۽ مضبوط ملڪ جو بنياد رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ان جي لاءِ اهڙي سوسائيٽي کي اڳتي اچڻ گهرجي، خاص طور تي عورتن جي تعليم لاءِ اهڙا قدم هجڻ گهرجن ته جيئن هو به ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته سٺي ۽ پڙهيل لکيل سوسائٽي جي قيام لاءِ سٺي خاندان جو هجڻ ضروري آهي جيڪو پڙهيل ۽ لائق ماڻهن جي ڪري ٺهندي آهي، اسان کي گهرجي ته قومي تعمير تي ڌيان ڏيڻ لاءِ وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪريون ۽ مردن سان گڏوگڏ عورتن کي به زندگي جي هر شعبي ۾ شامل ڪريون ته جيئن هو به پاڻ ڀاڙڻ سان گڏ ان معاشري ۾ پنهنجو مقام ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهن. هن چيو ته اسان جي معاشري کي جيتري ضرورت مردن جي آهي اوتري ئي عورتن جي آهي ڇاڪاڻ جو حاضر دور جي دوران ترقي يافته ملڪن ۾ عورتون به مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجون ذميداريون انجام ڏينديون آهن جنهن سان هڪ خوبصورت ۽ صحتمند معاشرو وجود ۾ ايندو آهي، هن چيو ته عورتن کي نرسز، آءِ ٽي سميت سڀني شعبن ۾ پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون به ڏنيون ويون آهن ته تعليمي ادارن جي سگهه کي وڌايو وڃي ۽ شاگردن کي وڌ کان وڌ معياري ۽ جديد تعليم جي فراهمي جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، هن چيو ته ويجهي مسقبل ۾ غير رسمي تعليم جو حصو ملازمت جي منڊي ۾ گهرج جي سبب سان وڌندو، پروفيشنل تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد پنهنجي صلاحيتن سان گڏ خدمت ڪري ان جا ثمر قوم کي واپس ڪن. جڏهن ته معاشري جو به اهو فرض آهي ته هو عورتن کي پنهنجي زندگي ۾ ترقي جا موقعا فراهم ڪري، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي ملڪ سان پيار ۽ محبت رکندا آهن، ڇاڪاڻ جو هو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شاگرد گهر ۾ رهي به پيشيوراڻي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ جو استعمال ڪن، جڏهن ته شاگردن کي پنهنجي پيشيوراڻي تعليم ممڪن بڻائڻ لاءِ پنهنجي والدين جي قربانين جو به قدر ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪستان 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، صدر چيو ته دنيا کي ڪشمير، فلسطين ۽ جتي جتي به مسلمانن تي ظلم ٿي رهيو آهي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ انساني حقن جي ادارن ۽ تنظيمن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ترقي يافته قومون جنگيون نٿيون چاهين.

مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ