صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي جي ملاقات

image
APP60-291221 KARACHI: December 29 - President Dr. Arif Alvi in group photograph with newly elected office bearers of Karachi Press Club at Governor House. APP Photo Syed Abbas Mehdi

ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڪراچي پريس ڪلب (ڪي پي سي) جي نئين چونڊيل باڊي گورنر هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي ۾ صدر فاضل جميلي، سيڪريٽري رضوان ڀٽي، نائب صدر رشيد ميمڻ، ٽريزور وحيد راڄپر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري اسلم خان شامل هئا جڏهن ته گورننگ باڊي جي ميمبرن ۾ خليل ناصر، فاروق سميع، لياقت مغل، اطهر حسين، مونا خان، شازيه حسن ۽ نبيل اختر شامل هئا. ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ تسلسل ۽ اسلامي فلاحي معاشري جي قيام ۾ صحافتي برادري جي ڪردار ۽ اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ صحافين پيشيواراڻي ذميوارين جي دوران ايندڙ مشڪلاتن کان صدر ۽ گورنر سنڌ کي آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جمهوريت جي قيام ۾ صحافي برادري جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ڊاڪٽر عارف علوي صحافين کي درپيش مسئلن جي حل جي خاطري پڻ ڪرائي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته صحافين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ موجوده حڪومت قدم کڻي رهي آهي. سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته معاشرتي براين جي خاتمي لاءِ صحافي برادري جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي.

مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج