اسلام آباد – 04 مارچ (??ي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان نئين جمهوري روايتن جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، عمران خان بنا ڪنهن دٻاءُ جي ذاتي طور تي فيصلو ڪيو آهي ته هو 6 مارچ تي ايوان مان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺندو، مخالف ڌر ته ان ڳالهه تي به پريشان آهي ته وزيراعظم ڇو اعتماد جو ووٽ وٺي رهيو آهي، هاڻي اهو طئي ٿي چڪو آهي ته جمهوري قدر ئي هلندا، ڌمڪي، ڌانڌلي ۽ لوٽ مار جي سياست سان ملڪ نٿو هلي سگهي. هو نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائي رهيو ??و. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان اتحادي پارٽين سان مشاورت کانپوءِ صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي، ان جو بنيادي سبب بلوچستان صوبي سان تعلق هجڻ آهي ته جئين بلوچستان کي نمائندگي ملي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي گ??ري?? ٽن سالن جي ڪارڪردگي ڏسندي اهو فيصلو ڪيو ??يو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 6 مارچ تي طلب ڪيو ??يو آهي جنهن ۾ عمران خان ٻيهر اعتماد جو ووٽ وٺندو، ايوان ۾ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جا سمورا ميمبر موجود هوندا.