فيصل آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ عوام دوست ۽ واپار دوست هوندي جنهن ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو ۽ بجيٽ جي حوالي سان ڪنهن جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو، سمورا فيصال عوام جي مفاد ۾ ڪيا ويندا جڏهن ته وڌ کان وڌ پرڏيهي ناڻو پاڪستان آڻڻ لاءِ ويليو ايڊڊ ٽيڪسٽائل ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ هائوسنگ، صحت انصاف ڪارڊ، ڪامياب جوان پروگرام ۽ ٻ??ن فلاحي منصوبن لاءِ ڀرپور فنڊز مختص ڪيا ويندا. پاڪستان ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽرز ايسوسيئيس?? جي هيڊڪوارٽر جي د??ري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهين دوران هن چيو ته پاڪستا?? جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي دور ۾ جمع ڪيل ڊيم فنڊ جو پئسو موجود آهي جنهن کي ڊيم?? جي تعمير تي ئي خرچ ڪيو ويندو ۽ ا?? جي هڪ هڪ روپئي جو آڊٽ ٿيندو انهي طرح زرعي جنس?? جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ ايرياز زوننگ ڪئي پئي وڃي جنهن تحت جتي جنس جي ضرورت هون??ي ا?? جي پيداوار کي وڌايو ويندو، هن چيو ته اسان کي آءِ ايم ايف جا طعنا ڏيندڙ ن ليگ خزاني ۾ صرف 9 ارب ڊال?? ڇڏي وئي جڏهن ته پهرين سال ئي اسان کي 10 ارب ڊالر جو قرض جي قسط جي ادائيگي ڪرڻي هئي، ملڪ جو ڏيوالو نڪري پئي سگهيو پر هاڻي اسان مسلسل پاڻ ڀاڙڻ جي طرف وڃي رهيا آهيون ۽ قرضن جو بار گهٽ کان گهٽ ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ويليو ايڊڊ ٽيڪسٽائيل ۽ ايڪسپورٽ سيڪٽر جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي ڇو ته ملڪ ۾ صنعتي سرگرمي?? جي فروغ سان معاشي خوشحالي ايندي ۽ روزگار جا موقعا وڌندا.