اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ??ه حڪومت ڍانچاجاتي سڌارن تي عمل ڪري رهي ??هي، سڌارن تحت ڪچي مال تي 100 ارب روپين جون رعايتون ڏنيون ويون آ??ن، ايڪسچينج ريٽ کي مارڪيٽ جي بنياد تي هموار ڪيو ويو، اسمگلنگ جو ??اتمو ڪيو ويو، سماجي تحفظ جي دائري ڪار ۾ توسيع ڪئي وئي، صحت انصاف ڪارڊ هاڻي پنجاب ۾ به ڏنو پيو وڃي، حڪومت روانگي واپار ٻڌل واڌاري تي عمل ڪري رهي ??هي، اسان جون صنعتون ترقي ڪري رهيون آ??ن، انگريزي ڳالهائڻ سان ڪرپشن جا داغ صاف نه ٿيندا، موجوده حڪومت 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ آئي آهي، اسان جي شهرت 10 سيڪڙو ۽ 20 سيڪڙو جي بنياد تي نه پر ڪارڪردگي تي آهي. قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپ??زپ??رٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بجيٽ تقرير ۾ اٿاريل نقطن جو ??واب ڏيندي حماد اظهر چيو ته موجوده حڪومت 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ آئي آهي، اسان جي شهرت 10 سيڪڙو ۽ 20 سيڪڙو جي بنياد تي نه آهي، هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جي سيٽ تان شيرين مزاري جي باري ۾ جيڪي ريمارڪس آيا اهي ??ڪارڊ جو ??صو آهن ۽ ان تي معافي نه گهري وئي. مسلم ليگ (ن) جي هڪ ميمبر چيو ته گاري ڏيڻ پنجاب جو ڪلچر آهي، جيڪو به اهڙو ڳالهائي رهيو آهي ??هو پنجاب جي تاريخ کي مسخ ڪري رهيو آهي. حماد اظهر چيو ته پيپ??زپ??رٽي جي پنج سالن ج دور ۾ هڪ سال به اهڙو نه گذريو جنهن ۾ حڪومت چار سيڪڙو جي ترقي حاصل ڪري چڪي هجي، مهانگائي جي شرح هن وقت ساڍا 8 سيڪڙو آهي، پيپ??زپ??رٽي جي دور ۾ پهرئين سال 21 سيڪڙو، ٻيو سال11.7 سيڪڙو، ٽئين سال 13.7 سيڪڙو ۽ چوٿين سال ۾ 11 سيڪڙو ٿي وئي هئي