اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آه?? ته ماضي جي حڪومتن تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪيون، ماڻهن کي تعليم جي ذريعي اڳتي وڌڻ جو موقعو نه ڏيڻ ظلم ۽ ناانصافي آه??، ٻارڙين جي تعليم کي اهميت نه ڏئي ملڪ جو قيمتي اثاثو ضايع ڪيو ويندو رهيو آه??، اسڪول گهرن کان پري هجي ۽ استادن جي کوٽ هجي ته مسئلا پيدا ٿين ٿا، موجوده حڪومت جي ڪوشش آه?? ته غريب خاندانن جي ٻارن کي تعليم جي سهولت فراهم ڪري، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان اسڪول وظيفا پروگرام کي شفاف بڻائڻ ۽ موثر نگراني ۾ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس پروگرام تحت مستحق خاندانن جي لاءِ اسڪول وظيفا جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي ??زي?? شفقت محمود ۽ ??زي??اعظم جي سماجي ڀلائي ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ موجود هئي. ??زي??اعظم چيو ته مستحق خاندانن جي لاءِ اسڪول وظيفا جاري ڪرڻ انتهائي اهميت رکندڙ آه??، ان پروگرام جا ٻه اهم رخ آه??، پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙ ٻار اسڪول نه پيا وڃن، هڪ ته انهن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ ۽ تعليم جي زيور کان آراسته ڪرڻ آه??، بدقسمتي سان انهن کي اڳ ۾ اهميت نه ڏني وئي، اهو ئي سبب آه?? جو ٻارن جو ايترو وڏو انگ اسڪول نه وڃي رهيو آه??، ملڪ جو سڀ کان وڏو سرمايو ان جي عوام هوندي آه?? ۽ جڏهن اسان پنهنجي ماڻهن کي تعليم نه ٿا ڏيون ته نه رڳو اهو سرمايو ضايع ڪريون ٿا پر ان تي اهو ظلم ۽ ناانصافي به ڪريون ٿا ته انهن کي ترقي جو موقعو نه ٿو ملي. ??زي??اعظم چيو ته تعليم جي فروغ لاءِ وظيفا ۽ سهولت ڏئي رهيا آه??ون، ٻارڙيون وڌيڪ اسڪول کان ٻاهر آه?? ۽ خاص طور ٻارڙين جي تعليم کي ماضي ۾ اهميت نه ڏني وئي، ٻارڙين جي تعليم کي اهميت نه ڏئي ملڪ جو قيمتي اثاثو ضايع ڪيو ويندو رهيو آه??، تعليم يافته عورت مرد کان وڌيڪ معاشري کي فائدو پهچائي سگهي ٿي ۽ پڙهيل لکيل ماءُ ٻارن جي تربيت ۽ سارسنڀال وڌيڪ بهتر ڪري ٿي، ٻارڙين جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، پرائمري ڪلاسن جي ٻارڙين کي 2000 رپيا ۽ ٻارن کي 1500 رپيا ٽه ماهي وظيفو ڏنو ويندو، حڪومت جي پوري ڪوشش آه?? ته غريب خاندانن جي ٻارن کي تعليم جي سهولت فراهم ڪري. هن چيو ته ان اسڪيم سان تعليم جي لاءِ ٻارن ۽ ٻارڙين جي حوصلا افزائي ٿيندي، اولهه ۾ اهو تاثر موجود آه?? ته شايد اسان پنهنجي ٻارڙين کي تعليم نه ٿا ڏيارڻ چاهيون جڏهن ته ائين نه آه?? ۽ هر پاڪستاني پنهنجي ٻارڙين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ جو خواهشمند آه?? پر ڪجهه جاين تي اسڪول پري هوندا آه?? ۽ استاد به ناهن هوندا جنهن جي ڪري مسئلا پيدا ٿين ٿا، ميانوالي جي تعلقي عيسيٰ خيل جي ڪجهه علائقن ۾ اهڙي صورتحال رهي آه??. ??زي??اعظم چيو ته ماضي جي حڪومتن جي ذميواري هئي ته اهي تعليم جي لاءِ سهولتون فراهم ڪن ها پر انهن پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي. هن چيو ته اسان جي حڪومت تعليم جي سهولت وڌائڻ ۽ ٻارن جي داخلا جي شرح ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آه??، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ان پروگرام کي شفاف بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان جعلي انٽريز ۽ گهوسٽ اسڪول جهڙن مسئلن تي ضابطو ??ڻي س??هب?? ۽ موثر نگراني پڻ ڪري س??هب??. هن اسڪيم جاري ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.