اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مقامي حڪومت کي جمهوريت جو بنيادي ڍانچو قرار ڏيندي لاڳاپيل عملدارن ??ي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جي فوري انعقاد جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ۾ بلدياتي ??عاملن بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، فواد چوڌري، شفقت محمود، مخدوم خسرو بختيار، غلام سرور خان، چوڌري طارق بشير چيما، مونس الاهي، پنجاب جي خوراڪ ??ار?? وزير عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل سين??ئر عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي بلديات ??ار?? وزير ميان محمود الرشيد وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پنجاب حڪومت وزيراعظم کي صوبي ۾ نئين لوڪل گورنمينٽ ماڊل تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مقامي حڪومت جمهوريت جو بنيادي ڍانچو آهي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته مضبوط بلدياتي ??ظام کانسواءِ جمهوريت نامڪمل آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن ??ي هدايت ڪئي ته اهي بلدياتي ??مائندن جي سڌوسنئون چونڊن کي يقيني بڻائين ۽ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون فوري طور تي ڪرائڻ جي لاءِ قدم کڻن.