اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قا??م خان سوري عوامي جمهوريه چين جي 72 هين سالگرهه جي موقعي تي چيني حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي چين سان پنهنجي سدا بهار منفرد دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي فخر آهي.
ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوامي جمهوريه چين جو 1949ع ۾ قيام هڪ تاريخي قدم هو جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت ۾ چين جي عوام جي اڻٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو، چيني عوام جي ان جدوجهد سڄي دنيا ۾ عوام کي سامراجيت جي خلاف جدوجهد ڪرڻ جو حوصلو ڏنو، هن چيو ته چين 1949ع کانپوءِ زندگي جي هر شعبي ۾ وا??اڻ جوڳيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، هن چيو ته چين صرف 40 سالن جي ٿوري عرصي ۾ غربت جي خاتمي، ٽيڪنالاجي، خلابازي، طب ۽ ٻين شعبن ۾ نين راهن کي روشناس ڪرايو، هن وڌيڪ چيو ته چين جي پيداوار ۾ تيز ترين اضافو، سماجي ۽ م??اشي ترقي ۽ خوشحالي دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي،
اسپيڪر چيو ته چين جي ترقي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي بي لوث قيادت ۽ چيني عوام جي اڻٿڪ محنت جي ڪري آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي ۽ گڏيل اعتماد، احترام، هم آهنگي ۽ گڏيل مفادن جي مض??وط بنيادن تي هموار آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو رستو هر آزمائش تي پورو لٿو آهي ۽ ٻنهي دوست ملڪن علائقائي ۽ عا??مي فارمز تي هڪ ٻئي جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.
ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر قا??م خان سوري چيو ته پاڪستان کي چين سان پنهنجي لازوال دوستي تي فخر آهي جيڪا گذرندڙ وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مض??وط ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستاني ۽ چيني قوم هڪٻئي جي لاءِ ڀائيچاري، همدردي ۽ م??بت جو جذبو رکندي آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي،
هن چيو ته سي پيڪ جهڙي گيم چينجر منصوبي جي تڪميل سان خطي جي تقدير تبديل ٿي ويندي ۽ پاڪ چين لاڳاپان جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي، هن عا??مي جمهوريه چين جي قيام جي 72 هين سالگرهه تي چيني عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪئي.