اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وبا دوران آن لائن فاصلاتي تعليم جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي، هائير ايجو??يش?? ڪميشن جديد دور جي بدلجندڙ ضرورتن ۽ عالمي معيار موجب فاصلاتي تعليمي پاليسي وڌيڪ بهتر بڻائيندي. فاصلاتي تعليم جي پروگرام کي مرڪزي تعليمي نظام جو حصو بڻائ?? جي ضرورت آهي.
ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار هائير ايجو??يش?? ڪميشن پاران آن لائن فاصلاتي تعليمي پاليسي تي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته آن لائن فاصلاتي ڪورسز جو مواد مارڪيٽ جي ضرورتن موجب جوڙڻ گهرجي. ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ شاگردن جو تعداد وڌائ?? جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي ورچوئ?? يونيورسٽي جي آن لائن ۽ فاصلاتي تعليم جي پروگرامن جي واکاڻ ڪندي چيو ته تعليم پرائيندڙ شاگردن جي تعداد ۾ اضافي لاءِ ورچوئ?? يونيورسٽي جهڙن ادارن جون ڪوششون تيز ڪر?? جي ضرورت آهي،
صدر کي ايڇ اي سي پاران بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته آن لائن فاصلاتي تعليمي پاليسي جو بنيادي مقصد قاعدن، هدايتن ۽ گهٽ کان گهٽ معيار جو تعين ڪرڻ آهي جڏهن ته آن لائين فاصلاتي تعليمي پاليسي تحت يونيورسٽين کي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي اجازت ڏني ويندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاليسي جو مقصد تعليم جو معيار برقرار رکڻ لاءِ هڪجهڙي امتحاني نظام قائم ڪرڻ آهي، پاليسي پبلڪ ۽ پرائيويٽ يونيورسٽين جي فاصلاتي تعليم ۽ اي لرننگ جي ماهرن سان مشاورت کانپوءِ ٺاهي وئي آهي.