اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي شهر تريپوره ۾ انتهاپسند هندوئن پاران مسلمانن جي ڪيترن ئي مسجدن، گهرن ۽ دڪانن جي ٽوڙ ڦوڙ جي ??ديد مذمت ڪئي آهي. جمعي تي پرڏيهي آفيس جي ت??جمان ڀارتي شهر تريپوره ۾ مسجدن جي ??يحرمتي ۽ مسلمانن جي ملڪيتن کي ٽوڙ ڦوڙ تي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهي حملا گذريل ڪجهه هفتن کان جاري آهن جڏهن ته رياستي مشينري نه رڳو مسلمانن ۽ انهن جي ملڪيتن جي ت??فظ ۾ ناڪام رهي آهي پر مقامي مسلم تنظيمن کي مدد جي فراهمي ۾ به غير ذميدار رهي آهي. ترجمان چيو ته بي جي پي، آر ايس ايس ڳٺ جوڙ تحت هندو توا جي ??ڪارڊ 2002ع ۾ گجرات کان وٺي 2020ع ۾ نئين دهلي ت??ئين مسلمانن جي قتل ع??م ۽ منظم انساني حقن جي ??لاف ورزين سان ڀري پئي آهي. اڄ هندستان ۾ اقيتلن جي لاءِ تمام گهٽ جڳهه آهي، جيڪا انتهائي مذمت جي قابل آهي. ترجمان چيو ته اهو به ايترو ئي قابل مذمت آهي ته آسام ۾ مسلمانن جي ??نهن جي ڏهاڪا پراڻي گهرن مان ٽارگيٽيڊ ۽ ظالماڻي بي دخلي جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن خلاف حملن کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ان جي ??فاطت، سلامتي ۽ ڀلائي ۽ ترقي ۽ انهن جي ??بادتگاهن ۽ ثقافتي ورثي جي ماڳن جي ت??فظ کي يقيني بڻائي.