وزيراعظم ان سان گم ٿيل صحافي مدثر نارو جي والدين ۽ معصوم پٽ جي ملاقات

image
APP88-091221ISLAMABAD: December 09 - Family of Mudassar Naaru in a meeting with Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گم ٿيل صحافي مدثر نارو جي والدين ۽ معصوم پٽ ملاقات ڪئي، وزيراعظم مدثر نارو جي والدين کي واقعي بابت تحقيقات ۽ سموري ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي.

وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، اٽارني جنرل خالد جاويد خان ۽ گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر به موجود هئا. ان سلسلي ۾ وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌيڪ تحقيقات ڪري مدثر نارو جي والدين ۽ پٽ کي تسلي بخش جواب ڏيڻ جي هدايتون جاري ڪيون، مدثر نارو جي والدين وزيراعظم جي خاطري تي اعتماد جو اظهار ڪيو.

مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن