اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته خيبرپختونخوا بلدياتي چونڊن ۾ سڌو سنئون چونڊيل تعلقي ناظم حڪومتي معيار ۾ بهتري آڻيندا ۽ مستقبل جا اڳواڻ بڻجندا، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته خيبرپختونخوا بلدياتي چونڊن تي اٿندڙ شور ۾ ڪنهن کي اهو احساس نه ٿي رهيو آهي ته اهي چونڊون ڪامياب جمهوريتن ۾ ڏٺو ويندڙ نظام وا??گر ج??يد ۽ منتقل ٿيندڙ اختيار رکندڙ بلدياتي نظام جي آغاز جو نڪتو آهن. سڌو سنئون چونڊيل تعلقي ناظم حڪومتي معيار ۾ بهتري آڻيندا ۽ مستقبل جا اڳواڻ بڻجندا.