اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??اڪ??تان انڊونيشيا سان اسٽريٽجڪ ح??يداري جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ??اڪ??تان جي دوري تي آيل انڊونيشيا جي پنهنجي هم منصب ريتنو مرسودي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. ??اڪ??تان انڊونيشيا سان اسٽريٽجڪ ح??يداري جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير عورتن جي حقن جي لاءِ موثر آواز اٿارڻ تي انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. ??اڪ??تان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ عوام جي سطح تي رابطن جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽا??ٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ??اڪ??تان انڊونيشيا سان واپار، سياحت ۽ س??ڙڪ??ري جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ??اڪ??تان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ سياحت ۽ واپار جي فروغ لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ۾ سهولت جي فراهمي فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير محترمه ريتنو مرسودي ش??ند??ر استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.