ڪراچي – 02 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته سنڌ جي عوام صحت ڪارڊ جي سهولت کان محروم آهي، سنڌ جو وڏو وزير ۽ پيپلزپارٽي خبر نه آهي سنڌ جي عوام کان ڪهڙي شيءَ جو بدلو وٺي رهيا آهن، شهباز شريف نواز شريف جي واپسي لاءِ بيان حلفي جمع ڪرايو پر نواز شريف واپس نه آيو، نواز شريف جي واپسي جي لاءِ اٽارني جنرل کي چيو ويو آ??ي ته هو اهو معاملو عدليه آڏو اٿاري، فنانس ترميمي بل تي سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، صحت ڪارڊ زبردست پروگ??ام آهي جنهن تحت سرڪاري ۽ نجي اسپتالن مان علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهجي ٿي، صحت ڪارڊ پروگ??ام شروع ٿيڻ سان ملڪ ۾ وڌيڪ نجي اسپتالون ٺهڻ شروع ٿينديون، فنڊن جي دستيابي سان سرڪاري اسپتالن جي حالت به بهتر ٿيندي. هن چيو ته سنڌ جي شهرين کي صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي پروگ??ام ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، پنجاب، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ اهو پروگ??ام شروع ٿي چڪو آ??ي، بلوچستان ۾ به اهو منصوبو شروع ٿي رهيو آ??ي، سنڌ واحد صوبو آ??ي ج??ڪو ان پروگ??ام ۾ شامل نه آهي. هن چيو ته راشن پروگ??ام ۾ به سنڌ حصو نه وٺي رهيو آ??ي، راشن پروگ??ام ۾ اٽي، گيهه ?? دالين تي 30 سيڪڙو تائين رعايت ڏني پئي وڃي، سنڌ حڪومت جي ڪري سنڌ جي شهرين کي اها سهولت به ميسر نه ٿيندي. هن چيو ته خبر نه آهي مراد علي شاهه ?? پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن کان ڪهڙي شيءَ جو بدلو وٺي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي، فنانس (ترميمي) بل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آ??ي، اميد آهي 15 کان 20 جنوري تائ??ن اهو بل منظور ٿي ويندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگ??ام سان پاڪستان ۾ معاشي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي، رپئي جي قدر ۾ استحڪام اچي رهيو آ??ي، پاڪستان جي اندر مهانگائي جا اثر عالمي منڊي ۾ قيمتن ۾ اضافي جي ڪري پيا، تيل، گيهه ?? داليون ٻاهرئين ملڪ مان برآمد ڪيون وڃن ٿيون، عالمي منڊي ۾ انهن جي قيمتن ۾ اضافو ٿئي ته هتي به انهن جون قيمتون وڌن ٿيون. هن چيو ته اسان زرعي شعبي تي ڌيان ڏنو، اسان جي 5 وڏين فصلن جي تاريخي پيداوار ٿي، 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا، 100 وڏين ڪمپنين 929 ارب رپين جو منافعو ظاهر ڪيو آ??ي، ميڊيا هائوسز جي منافعي ۾ به 33 کان 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، ايترو منافعو ڪمائڻ جي باوجود ميڊيا هائوسز ۽ ڪمپنين پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو نه ڪيو. هن چيو ته مفتاح اسماعيل جي ڪمپني ڪينڊي لينڊ تاريخي منافعو ڪمايو جنهن تي کيس مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ سندس ڪمپني ايترو وڏو منافعو ڪمايو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عوام جي صحت جا خرچ حڪومت برداشت ڪري رهي آهي، راشن پروگ??ام ۾ 30 سيڪڙو رعايت ڏني آهي، اڄ پاڪستان ۾ صنعتون بحال ٿيون آهن، پاڪستان جي معيشت 5 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي آهي، پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو، آمريڪا ۾ گذريل هفتي 2500 فلائيٽس ملتوي ٿيون، اسان وٽ صورتحال بهتر آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي شهرين کي مفت ويڪسين فراهم ڪئي، ويڪسي نيشن جي لاءِ ج??ڪو هدف مقرر ڪيو، اهو الحمدالله پورو ڪيو، اڄ پاڪستان معاشي استحڪام طرف واپس اچي رهيو آ??ي، عالمي منڊي ۾ توانائي ۽ ڪموڊيٽي جون قيمتون گهٽ ٿيڻ جو فائدو عوام کي ٿيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته انشاءَ الله نئون سال پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سال هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فنانس (ترميمي) بل تي سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن، جڏهن اسحاق ڊار ناڻي وارو وزير هو ته اسٽيٽ بئنڪ جو ڊپٽي گورنر ان لاءِ مني لانڊرنگ ڪري رهيو هو، تحريڪ انصاف جي منشور ۾ شامل آهي ته اسان کي ادارن کي آزاد ۽ خودمختيار بڻائڻو آ??ي، اسٽيٽ بئنڪ جو آزاد ۽ خودمختيار ٿيڻ پاڪستان ۽ پاڪستان جي معيشت جي مفاد ۾ آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهباز شريف نواز شريف جي واپسي لاءِ بيان حلفي جمع ڪرايو هو، نواز شريف واپس نه اچي رهيو آ??ي ته اٽارني جنرل کي چيو ويو آ??ي ته هو ان معاملي کي عدليه آڏو اٿاري. هن چيو ته 30 سالن جون خرابيون ٽن سالن ۾ ختم نه ٿيون ڪري سگهجن، اڳوڻين حڪومتن انڊسٽري کي تباهه ڪيو، 1947ع کان وٺي 2008ع تائ??ن اسان جو ڪل قرض 6 ٽريلين هو، 2008ع کان 2018ع تائ??ن اهو قرض 23 ٽريلين تائين پهچي ويو، 32 ارب ڊالر قرض اسان واپس ڪري چڪا آهيون، 5 سالن ۾ مجموعي طور تي 55 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آ??ي، هي اهو قرض آهي ج??ڪو ماضي جي حڪومتن ورتو، ايترن قرضن جي باوجود اسان انڊسٽري، زراعت، تعميرات جي شعبي کي بحال ڪيو، اڄ پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي بورڊ آف گورنرز جي مقرري حڪومت کي ڪرڻي آهي، اسان اسٽيٽ بئنڪ ڪنهن کي گروي ناهي ڪئي، گذريل ٽن سالن ۾ اسان هڪ رپيو اسٽيٽ بئنڪ کان قرض ناهي ورتو، نواز شريف ۽ اسحاق ڊار ٽريلين رپيا اسٽيٽ بئنڪ کان قرض ورتو. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان آزاد ۽ خودمختيار ادارن تي يقين رکون ٿا، اسٽيٽ بئنڪ جي آزادي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته تيل جي قيمتن جو تع??ن اوگرا ڪري ٿو، عالمي منڊي ۾ قيمتون گهٽ ٿينديون ته هتي به گهٽ ٿينديون. هن چيو ته جڏهن تيل جون قيمتون وڌن ٿيون ته ميڊيا ۾ هيڊ لائينز شايع ڪيون وڃن ٿيون پر جڏهن گهٽ ٿين ٿيون ته ميڊيا ان تي خاموش رهي ٿي. هڪ سوال تي هن چيو ته هن وقت پوري دنيا ۾ يوريا جي قيمت 10 هزار رپيا في ٻوري آهي، پاڪستان ۾ 1700 کان 2000 رپيا قيمت آهي، هڪ ٽرڪ يوريا جي ٻاهر هلي وڃي ته ان سان 72 کان 78 لک رپيا ڪمائي سگهجن ٿا. هن چيو ته جڏهن به ڪنهن شيءَ جي بليڪ مارڪيٽنگ ٿئي ته سنڌ ۾ ان جي ڊيمانڊ وڌي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ گذريل سال سڀ کان وڌيڪ يوريا جي پيداوار ٿي.