اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??س??ان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن او آ??ِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ٿائيلينڊ جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊون پرامودونائي سان ??لاقات دوران چئي. پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان ??ائي لينڊ سان ??طرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير سياحت جي فروغ لاءِ ٿائيلينڊ جي وسيع تجربي مان ??ائدو کڻن جي ارادي جو اظهار ڪيو. گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌمت ورثي جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير ملڪ ۾ مذهبي سياحت جي فروغ لاءِ پا??س??ان جي پاليسي جي مقصدن کان ??ائي لينڊ جي پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وڌندڙ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط اقتصادي، واپاري، سياسي ۽ ثقافتي تعاون تي ٻڌل وسيع البنياد لاڳاپا قائم ڪرڻ جي عزم جو اطهار ڪيو. افغانس??ان جي حوالي سان ??رڏيهي وزير چيو ته پا??س??ان افغانس??ان کي معاشي تباهي کان بچائڻ جي لاءِ عالمي کان انساني بنيادن تي افغان عوام جي معاونت جو گهرجائو آهي. ٿائي پرڏيهي وزير افغانس??ان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پا??س??ان جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير چيو ته پا??س??ان ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل جو خواهشمند آهي. پا??س??ان سمورن پا??يسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپن جو خواهشمند اهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي باقاعده رابطي جي اهميت کي تسليم ڪندي ٻنهي پرڏيهي وزيرن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.