اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي روڪڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ طلب ۽ پهچ جو ٺوس نظام بڻائڻ سان گڏوگڏ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سخت بارڊر ڪنٽرول وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ يوريا جي اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪ??و. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته مارڪيٽ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي جي مستحڪم ۽ گهٽ اگهن تي دستيابي يقيني بڻائي وڃي ته ??يئن ملڪ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿي سگهي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن ملڪ ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مارڪيٽ ۾ قيمتن کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ هر مهيني جي شروع ۾ 2 لک ٽن يوريا جي اسٽريٽجڪ اسٽاڪ ۾ دستيابي ضروري آهي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ??هي پاڪستان جي آبادگارن ۽ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف پهچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻن. هن چيو ته ??ن سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪ??تاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي ??زير سيد مرتضيٰ محمود، خوراڪ واري وفاقي ??زير طارق بشير چيما، منصوبابندي واري وفاقي ??زير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي ??زير مفتاح اسماعيل، واپار واري وفاقي ??زير سيد نويد قمر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته ??وبائي چيف سيڪريٽرين، آءِ جي پوليس، آءِ جي ايف سي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.