بيجنگ – 22 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان گڏ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪاٽيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي چين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي ۽ هو ڏکڻ چين جي شهر گوانگ زو ۾ آهي جيڪو چين جي صوبي گوانگ ڊونگ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ گادي وارو شهر پڻ آهي. چيني پرڏيه?? وزارت جي ترجمان زاولي جيان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پاڪستان ۽ چين کي پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 71 هين سالگرهه تي مبارڪباد پڻ ڏني. چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي اسان ان ڳالهه کي ورجايون ٿا ته اسان پنهنجي مضبوط دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، اسٽريٽجڪ ??اب??ن کي مضبوط ڪنداسين، ماحولياتي ??اب??ن کي مستحڪم بڻائيندي عوام سان عوام جي وچ ۾ ??اب??ن ۽ مٽاسٽا کي فروغ ڏنو ويندو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃبو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري به 21 مئي کان چين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. 21 مئي 1951ع تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا. پاڪستان چين کي تسليم ڪندڙ شروعاتي ملڪن مان هڪ ۽ چين سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪندڙ پهريون اسلامي ملڪ آهي.