اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ ماڻهو جي ضد، انا ۽ تڪبر جي ڪري نيڪٽا کي چئن سالن تائين نظرانداز ڪيو ويو، اڳوڻي حڪومت جي لاپرواهي سبب اڄ ??هش??گردي جي واقعا ٻيهر ٿي رهيا آهن، وزيراعظم ??هش??گردي جي حوالي سان 8 اجلاس چيئر ڪري چڪو آهي، هو صوبائي ۽ وفاقي ڌرين سان گڏ رابطا ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو انهن کي ضد، انا ۽ تڪبر جا مسئلا ناهن. قومي اسيمبلي ۾ مولانا عبدالاڪبر چ??را??ي ۽ ڊاڪٽر فهميده مرزا پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ??هش??گردي پاڪستان جي اندر ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، گذريل چئن سالن ۾ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) جو اجلاس طلب ناهي ڪيو ويو، نيڪٽا کي وزيراعظم چيئر ڪندو آهي، هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف 2014ع ۾ پهرين سيڪيورٽي پاليسي ڏني آهي ان کانپوءِ قومي ايڪشن پلان ٺاهيو ويو، قومي ايڪشن پلان ۾ سڀني صوبن، سڄي قوم، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ وفاقي اڪاين کي شامل ڪري ??هش??گردي جي خلاف حڪمت عملي جوڙي وئي، جيتوڻيڪ گذريل چئن سالن ۾ هڪ ماڻهو جي ضد، تڪبر ۽ انا جي ڪري ان کي نظرانداز ڪيو ويو. اڳوڻي وزيراعظم پوليو، ??هش??گردي ۽ ٻين اهم اشوز تي صوبن سان ڪا مشاورت ناهي ڪئي. نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن جي ڪردار جي باري ۾ هڪ طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، مريم اورنگزيب چيو ته مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي حڪمت عملي جي ڪري ??هش??گردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي هئي جيتوڻيڪ بدقسمتي سان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺاهيل انفرااسٽرڪچر ۽ مالياتي ۽ ڪوآرڊينيشن جو ڪم بند ڪري ڇڏيو هو، هن چيو ته اتر وزيرستان ۾ پوليو جا چار ڪيس سامهون آيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير رڪارڊ تي اها ڳالهه چئي آهي ته جڏهن هن پوليو جي حوالي سان وزيراعظم سان ڳالهه ڪئي ته ان کي ٻڌايو ويو ته اهو وقت جو زيان آهي، اڳوڻي حڪومت جي لاپرواهي جي ڪري اڄ ??هش??گردي جا واقعا ٻيهر ٿي رهيا آهن، حڪومت سڄي قوم، چئني صوبن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ متحد ٿي ڪري ??هش??گردي جو خاتمو ڪندي، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پهرين گڏجاڻي ??هش??گردي جي خاتمي جي حوالي سان ڪئي هئي، نيڪٽا جو اجلاس گهرائڻ لاءِ گهرو وزير کي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ ايندڙ هفتي ان حوالي سان اجلاس ٿيندو. هن چيو ته پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ايندڙ هفتي طلب ڪيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم ??هش??گردي جي حوالي سان 8 اجلاس چيئر ڪري چڪو آهي، هو صوبن ۽ وفاقي اڪاين سان رابطا ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو ان کي ضد، انا ۽ تڪبر جا مسئلا نه آهن. ان کان اڳ شگفته جماڻي اعتراض واري نقطي تي چيو ته سنڌ ۾ پيپر آئوٽ ٿيڻ نئين ڳالهه نه آهي، مجاز اٿارٽي فورن رد عمل ڏنو هو، ان ڳالهه کي ڪليئر ڪيو ويو هو ته پيپر سيلڊ آهي ۽ اهو ئي پيپر ٻي ڏينهن آيو، هن چيو ته جيڪب آباد، حيدرآباد شديد گرمي جي زد ۾ آهن، حيسڪو جو طريقيڪار نامناسب آهي، 20، 20 ڪلاڪ لوڊ??يڊ??گ آهي، ماڻهن جو گرمي سبب برو حال آهي، وفاقي وزير بجلي جي لوڊ??يڊ??گ ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ان حوالي سان اسپيڪر جي رولنگ اچڻ گهرجي، ڊاڪٽر فهميده مرزا اعتراض واري نقطي تي چيو ته لوڊ??يڊ??گ سان عوام جو جيئڻ جنجال آهي، امتحان ڏيندڙ ٻار بيهوش ٿي رهيا هئا، ٻار اسان جو مستقبل آهن جيڪڏهن ٻارن کي انرولمينٽ ڪارڊ به نه مليا ته ان مان صورتحال جو اندازو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته 14 سالن ۾ صوبائي حڪومت معياري تعليم جي حوالي سان هڪ نظام نه ڏئي سگهي آهي، مولانا عبدالاڪبر چ??را??ي اعتراض واري نقطي تي چيو ته لنواري ٽنل کان اڳتي روڊ تي هڪ سال کان ڪم بند آهي، اپر ۽ لوئر چ??را?? ۾ 12 ڪلاڪ لوڊ??يڊ??گ آهي، پيسڪو ۽ پيڊو ماڻهن کان پئسا وٺي رهي آهي، پر ان جي باوجود 12 کان 16 ڪلاڪ لوڊ??يڊ??گ آهي، مسلم ليگ جي اڳوڻي حڪومت ۾ چ??را?? ۾ ايل پي جي اسٽيشنن لاءِ پئسا رکيا ويا، ٽن سالن کان ڪو به ڪم ناهي ٿيو، اهي زمينون وڪرو ڪيون پيون وڃن، ان سان امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي.