اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ش??با?? شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي صدر ۽ پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ ملڪ احمد خان پڻ موجود هو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.